"سوا تنهنجي مٺي منهنجي رُئڻ ڪهڙو کلڻ ڪهڙو؟ حياتي بار ٿي پئي آ ، جيئڻ ڪهڙو مرڻ ڪهڙو ؟ اسان سگريٽ جي ڪش مان ڏٺو پئي موت جو منظر٫ بدن جي باھ جو آخر ٻرڻ ڪهڙو وِسڻ ڪهڙو؟ وطن جو ڀاڳ هو اهڙو صفا بيواھ جيئن نڪتو ! وطن جي وارثي ڪوڙي لکڻ ڪهڙو پڙھڻ ڪهڙو؟ اسان تڙپُون اسان ڦٿڪون انھي ۾ ڇا رکيو آهي۰ چري مستان پنهنجي سان رُسڻ ڪهڙو ٺھڻ ڪهڙو؟ عمر جون سڀ حدون ٽوڙي اچي تون ٻانهن ٻيلي ٿي! نئون ڪو سور ٿو وچڙي وٺڻ ڪهڙو ڇڏڻ ڪهڙو۰ جياپي جو نه ڪارڻ ٿي سگھين تون حيف ٿئي "صابر" رڳي لالچ رکئي من ۾ اچڻ ڪهڙو وڃڻ ڪهڙو !!" image uploaded on Jan. 14, 2023, 3:16 p.m. | Damadam
Damadam.pk
سوا تنهنجي مٺي منهنجي رُئڻ ڪهڙو کلڻ ڪهڙو؟
حياتي بار  ٿي پئي آ ، جيئڻ ڪهڙو  مرڻ  ڪهڙو ؟
اسان سگريٽ جي ڪش مان ڏٺو پئي موت جو منظر٫
بدن  جي  باھ  جو  آخر  ٻرڻ  ڪهڙو  وِسڻ  ڪهڙو؟
وطن جو ڀاڳ هو اهڙو صفا بيواھ جيئن نڪتو !
وطن جي وارثي ڪوڙي لکڻ ڪهڙو پڙھڻ ڪهڙو؟
اسان تڙپُون اسان ڦٿڪون انھي  ۾  ڇا رکيو آهي۰
چري مستان پنهنجي سان رُسڻ ڪهڙو ٺھڻ ڪهڙو؟
عمر جون سڀ حدون ٽوڙي اچي تون ٻانهن ٻيلي ٿي!
نئون ڪو سور ٿو وچڙي  وٺڻ  ڪهڙو  ڇڏڻ  ڪهڙو۰
جياپي جو نه ڪارڻ ٿي سگھين تون حيف ٿئي "صابر"
رڳي  لالچ  رکئي  من  ۾  اچڻ  ڪهڙو  وڃڻ  ڪهڙو !!
B  : سوا تنهنجي مٺي منهنجي رُئڻ ڪهڙو کلڻ ڪهڙو؟ حياتي بار ٿي پئي آ ، جيئڻ ڪهڙو  - 
More images by Bage-Chokri: