جهرڪي ۽ جهرڪ هڪ وڻ تي ويٺا هيا اتان هڪ ماڻھون ايندي ڏٺائو ته جهرڪ چيو ڀڄ ته ڀڃون جهرڪي چيو هي انسان مون کي سٺو ۽ چڱو پيو لڳي٠ پاڻ کي نقصان ڪون ڏيندو٠ ايستائين جو اهو ماڻھون ويجهو اچي نڪتو ٠ ان پاڻ وٽ لڪيل بندوق ڪڍي ۽ جهرڪ کي ماري ڇڏيائين٠ جهرڪي وئي ان وقت جي بادشاھ ڏي انصاف جي لاء٠ بادشاھ ان ماڻهون کي گهرايو جنهن گناھ تسليم ڪيو ۽ چيائين ته مان شڪاري آھيان منهنجو اهو روز جو ڪم آهي ان مهل بادشاھ جهرڪي کي چيو سزا تون مقرر ڪر ٠ جهرڪي چيو بادشاھ کي ته جي اگر هي شڪاري آھي ته لباس به شڪارن وارو پهري٠ شرافت وارو لباس پهري ڪنهن کي گهمراھ ته نه ڪري٠ ته دوستو هتي به ڪئي اڇن لباسن ۾ اندر جا ڪارا منافق ماڻهون موجود آھن انهن کي به عرض آ ته شرافت وارو لباس پهري ڪنهن کي گمراھ نه ڪيو ـ S👈