ايڏي اڻڄاڻ تون جانان صفا معصوم ٿي پئي آن
پڇين ٿي پيار مان سائنڻ ڀلا هي عيد ڪيئن گذري
گسن ۾ واٽ ويندن کي پئي جيئن شام ويندي آ
اڪيلو ٻار ميلي مان ڇڏي جيئن چيچ ويندو آ
اسان مجبور ماڻھن کان مبارڪ ڪونه ڪنهن ورتي
نه سيني سور ٿيو هلڪو نه ٻانهن ڀي ٻکيو مونکي
نڪي وارن سنوارڻ لاء ڪنگهيون ڪي آڱريون بڻيون
اکين جي سيج تي ڳوڙھا ڪنوارن جيئن ته ترسيل ها
نه تنهنجي ديد ٿي جانان نه منهنجي عيد ٿي جانان
اسان جي عيد ايئن گذري ڪالهوڪي عيد ايئن گذري
poet:Imtiaz khaskheli
Sindhi aahin ya ma akelo?? budhayo na ta ma b wannja hitun khan