غـــــزل
اســــتاد بـخــــاري
عشق جو حڪم مڃي حسن سنواريو هوندم!
جوش جي جرڪ ڏئي هوش اجاريو هوندم!
قافلو حـــــال ســـندو ڪالھ قطاريو هوندم,
وقـــــت ويـــــران بيابان گــــــذاريو هوندم.
جـــو به جباريا مجبور ســــو نڪتو ماڻهو,
پو به انســــان ئي انســـان پڪاريو هوندم.
ڪي نوان گيت نوان چيٽ ڦٽي پيا هوندا,
پــــاڻ کــــي پيار ڪري يار پساريو هوندم.
ميڙ جــــو منــــڍ نه معلوم پڇــاڙي ڪهڙي,
هاء حــــيران پــــريشان پــــــڌاريو هوندم.
جيترو مند بڇي ماٺ رٺـــــــي منڌ ۾ مئي,
تيترو گــــيت غـــــزل بيت تنواريو هوندم.
اڻ گهڙيو ڪاٺ اڳي هوس ادب ري استاد,
ڪنهن مٺي قرب سچي ساٿ سڌاريو هوندم.