منهنجي جنگ فقط يزيد سان نه پر
ھر ان انسان سان آھي جنھن ۾ يزيدي
ڪردار موجود آهي
امام حسين
ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِيو؛
ڄاڻي ھيڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
(محرم جو مھينو ڏٺو آهي ۽ دل ۾ شھزادن {امام حسن ۽ امام حسين} جي جهوري لڳي آهي. هڪ الله کي ئي راز جي ڄاڻ آهي، جو پاڻ کي وڻندڙ ڳالهيون ٿو ڪري.)
سُر ڪيڏارو
"جي جيون تو ۾ سنڌ نہ آ، پوءِ منھنجي توکان دُوري آ،
ھي جيون جيون آھي ڇا، ڪٿ جيل زھر ڪٿ سُوري آ.
ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇالاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو،
جي ڏاڍو اَڪ جي ماکي آ، پوءِ ڪھڙي باغ جي موري آ.
قاتل جي ھٿن ۾ لرزش آ، خنجر بہ سنڀالي ڪير ڀلا،
ھي منھنجو خون جو تقدس ٿيو، جلاد جي لئہ مجبوري آ.
اڄ سنڌوءَ ماءُ جي ڳل لڳي، هر باغيءَ پئي ٿي ھيئن چيو،
مان ڪُسجان تنھنجي راھن ۾، منظوري آ منظوري آ".
(حليم باغي: اڙي شھر جانان)
"جِن ريءَ سَري نہ ساءُ، رَتي رُسُ مَ تِن سان،
ھو جھيڙن، تون جَھڪو ٿيءُ، پاند ڳچيءَ ڳل پاءِ،
پاڻ وڃي پرچاءِ، متان رُٺو ئِي رھجي وڃي".
(شاھ عبداللطيف ڀٽائي
submitted by
uploaded by
profile:
Sorry! Ap apne item ya profile ko report nahi kar saktey, na hi apne ap ko block kar saktey hain