@🍁✨ItsSindhiBreeze✨🍁:محبوب سائين، اوهان جي نالي ۾ ئي ڪا اهڙي مٺاس آهي جو دل هر ڀيري ادب سان جهڪي وڃي ٿي، اوهان سان ملڻ کان پوءِ زندگي عام نه رهي، هر لمحو خاص بڻجي ويو، اوهان جي ڳالهائڻ جو انداز، اوهان جي اکين جي چمڪ، ۽ اوهان جي خاموشي به مون لاءِ لفظن کان وڌيڪ ڳالهائيندي آهي، مان جڏهن به ٿڪجي پوندو آهيان ته اوهان جو خيال مون کي همٿ ڏئي بيهاري ڇڏيندو آهي، محبوب سائين، مان دعائن ۾ اوهان جو نالو اهڙي طرح وٺندو آهيان ڄڻ منهنجي هر ساهه اوهان سان ڳنڍيل هجي، جيڪڏهن ڪڏهن قسمت اوهان کي مون کان پري ڪري ڇڏي ته به يقين ڄاڻو ته منهنجي دل ۾ اوهان جي جاءِ ڪڏهن خالي نه ٿيندي، ڇو ته ڪجهه رشتا لفظن سان نه پر احساسن سان زندهه رهندا آهن، ۽ اوهان منهنجي احساسن جو سڀ کان خوبصورت حصو آهيو.