ڪنڊن تان روح گذريو آ
گسن جو درد شاھد آ
رناسين ڪيترو تو لاءِ
اکين جو درد شاھد آ.!!
#_______________غزل
ڪيڏو لوڪَ لتاڙيا وِياسِين ،
تِرڇِا تِرڇا تاڙيا وِياسِين !!
ڪنهنجِي اک ۾ تاريو ويو ٿي ،
ڪنهنجِي اک مان ڳاڙيا وِياسِين !!
احساسَ اسان جا روڙِيا پيا ها ،
ڪاڳر وانگي ڦاڙيا وِياسِين !!
تُنهنجِي مُٺ ۾ ساھُ جو پيو هو !
تُنهنجِي وِک سان واڙيا وِياسِين !!
نِنڊ اسان جِي کنڀجِي وئِي آ ،
سَپنن سان گڏ ساڙيا وِياسِين !!
عذابن جو گھر صرف جھنم ناھی
پر
اھا دل بہ آھي
جنھن م پیار ناھي☹️
غزل
رڻ پٽ ڄڻ بيابان آھي زندگي
توبن سڄڻ ويران آھي زندگي
سڀ ڪو آ سورن سان ھت ڀريو پيو
سورن جو ڄڻ سامان آھي زندگي
جوان پٽ کائي ڪمائي پوڙھو پيءُ
دردن سندو داستان آھي زندگي
گلن جھڙو معصوم آ پيو ٿو پني
مسڪين لاء تہ نان آھي زندگي
خوشين عيوض غم ملن ٿا پيا ھتي
غمن جو ڄڻ دڪان آھي زندگي
ڇو “حفيظ“تو ھمت ھاري آھي
طرفان رب جي احسان آھي زندگي
وٺي ھر ھر جنم وربو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
ختم اونداھ ٿي ويندي
چٽي چانڍاڻ ۾ ملبو
جيي سندو ديش ✌✌
درد دليــن ۾ ھيا ڪنهن ڪونه ڏٺا
لڙڪ اکين ۾ ھيا ڪنهن ڪونه ڏٺا
ھر ڇاتيء ۾ ھيـو خنجـــر کتـــل
خوف پکين ۾ ھيا ڪنهن ڪونه ڏٺا
بک پـــاري ۾ ھئي اٽو نه ھيــــــو
سور پلين ۾ ھيا ڪنهن ڪونه ڏٺا
ھـوء ٽھڪ ڏئي ھلي وئي مــوٽي
کيپ ڳلين ۾ ھيا ڪنهن ڪونه ڏٺا
وڻجارن جي لئـ رنيون پئي اکڙيون
نير ندين ۾ ھيا ڪنهن ڪونه ڏٺــا
😥😥😥😥
نيڻ ٿڪي پيا روئي روئي،
دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي.
جنهن کي ساهه سهارو سمجهيم،
سُورُ ڏئي ويو ساهه کي سو ئي.
پٿر دل محبوب ڪيئي ڇو؟
دل هاڻي تون تڙپ اُڪوئي.
ڪر نه ”ڪليري“ پيار تون ڪنهن سان،
روڪيو ”رشيد“ گهڻن، گهڻوئي
محبّت رکيو پنهنجو معيار ڪٿ ڪٿ،
نظر ايندا اڄڪلهه وفادار ڪٿ ڪٿ.
زمانو سڄو حُسن جي پويان آتو،
دلن جا ٿا ڏسجن خريدار ڪٿ ڪٿ.
عجيب و غريب آهي دستور دنيا،
گلن کان مٿي ٿا ٿين خار ڪٿ ڪٿ.
مچايو آهن ويٺا مچ عاشقي جو،
گو، ٻڌبا برهه وارا بيمار ڪٿ ڪٿ.
اکين هوندي نابين هر هنڌ آهن،
اکين هوندي هشيار و بيدار ڪٿ ڪٿ.
قلم جهڙو هٿيار ٿيندو نه ڪو ٻيو،
ڪم ايندا مگر تير و تلوار ڪٿ ڪٿ.
ڪڏهن اي ’جميل‘، آئون سوچيندو آهيان،
مون پارا به هوندا گنهگار ڪٿ ڪٿ🌷
جڏهن ھر شـــــيِ کي ضد سان حاصل ڪرڻ وارو
ھر شيِ تي صبر ڪرڻ شروع ڪري ته ان کان وڌڪ اذيت ڪا ناھي☝💔
غزل
بيوفا جو تون ذڪر مون سان نه ڪر
ڪر پچر جڳ سان مگر مون سان نه ڪر
مان اڪيلو دربدر ڀٽڪان پَيو،
تون پٽن ۾ گڏ سفر مون سان نه ڪر
ناز نخرا روز ماڻا بي سبب،
چاھ ۾ اهڙو چڪر مون سان نه ڪر
دور دلبر ٿي هميشه اوچتو،
جوڙ ٽوڙي هي جبر مون سان نه ڪر
ڏوھ ڪهڙي جي سزا ڏين ٿو سڄڻ،
دشمنن وانگي ٽڪر مون سان نه ڪر
تو سهاري مان جِيان ٿو جڳ اندر
ٿي جدا ايڏو قهر مون سان نه ڪر
گهاوَ گهايل کي نه ڏي هر هر گهڻا،
چئي مغيري ڪو مکر مون سان نه ڪر
غزل
اوهان ٿا گذاريو پري زندگي.
هتي پئي اسان جي ٻري زندگي.
انهيءَ ۾ اوهان کي مِلي ٿو سڪون،
مري ڪو يا ڪنهن جي کَري زندگي.
نٿو پيار تنهنجو ڪو سنبران ڪڏهن،
مگر وڃبي پوري ڪري زندگي.
زمانو رئڻ کان نه بلڪل رهي،
رئڻ سان جي ڪنهن جي وري زندگي.
وڇوڙو ڇڏي ٿو گهٽائي عمر،
حياتيءَ کي پيئي چَري زندگي.
ڪٿي عيش عشرت ۾ مشغول آ،
ڪٿي پيئي آهون ڀري زندگي.
ڪٿي ڪَک ڇُهڻ سان وهي رت ”شبير“،
ڪٿي پيئي پٿر ڏري زندگي
جدائي ڇو ڪيئي جانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان
مٿان پيو لوڪ ڏئي طعنا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
الائي ڇو سبب ڪهڙي ڪيا تو يار سڀ واپس،
مُڪا جيڪي مون نذرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
ادا حق پيار جو هن سان ڪري الفت ڪيو آ مون،
مخالف ٿي پيو حيرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
هُتي تر جيتري پرواهه ڪا دلدار کي ناهي،
هتي حالت پريشانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
اسان جي جام پيئڻ تي سدا جن خار ٿي کاڌي،
وسايا تن ڇو مئخانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
مقدر ۾ رڳو ناڪاميون آهن الائي ڇو؟
مليا قسمت ۾ ويرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
گهڻو ”شبير“ مان پنهنجي چريءَ دل کي ٿو سمجهايان،
ڀري آهون ٿي روزانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان
🥀غزل🥀
لارَ لڙڪن کي پيار چئبو آ،
سارَ سڏڪن کي پيار چئبو آ.
انتظارن ۾ عمر ڪٽجي ٿي،
اعتبارن کي پيار چئبو آ.
عشق اک ۾ نه ڪي اندر ۾ لڪي.
اشتهارن کي پيار چئبو آ.
عشقَ آرن ۾ ڪو اچي ته ڏسي،
تيز ڌارن کي پيار چئبو آ.
پنهنجي پاڇي سان ڇرڪي ڳالهائين،
اي سکي! ان کي پيار چئبو آ.
نينهنَ، مينهنَ واءُ ۾ وڌيڪ متو،
شوق ڇولين کي پيار چئبو آ.
اجنبين وانگي آشنا آهيون،
اِنَ پِرولين کي پيار چئبو آ.
لوڪ بي روڪ آ ڀلي ٽوڪي،
لوڪ خوارين کي پيار چئبو آ.
*مون ته گُلاب لڳايا آهن،*
*پوپٽ پاڻ ئي آيا آهن....!*
*ڊاڪٽر تنوير عباسي-*
سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ
گفتگو لوڪ گيت جھڙي آ
تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم
پت ڪر مون لاءِ مسيت جهڙي آ
*استاد بخاري*
#پري_آهي_اڄان_منزل_ڪٿي_ڪتلام_ٿيو_آهيان..🥀
#آهي_شروعات_محبت_جي_رڳو_بدنام_ٿيو_آهيان❤️
#اوهان_جي_ڏسڻ_جا_عجب_رنگ_آهن 🥀
#نه_پنهنجا_لڳو_ٿا_نه_ڌاريا_لڳو____ٿا❤️
غرور ڪنھن ڳالھ جو أ آڄ مٽئ جي مٿان آھيون سڀاڻي مٽئ جي ھيٺان ھونداسي
سچ ڳالھائڻ جو شوق اٿئي تہ اڪيلو ھلڻ جو حوصلوبہ رکجان
شينھن جا فيصلا ھِميشه دليرئ جي بنياد تي ھوندا آھن۽
گدڙ جا فيصلا خوف ۽ بزدلئ جي بنياد تي ھونداآھن
submitted by
uploaded by
profile:
Sorry! Ap apne item ya profile ko report nahi kar saktey, na hi apne ap ko block kar saktey hain