جو ذراکسی نے چھیڑاچھلک پڑیں گے آنسو
کوئی مجھ سے یو ں نہ پوچھے تیرا دل اداس کیوں ہے۔
میرے آنسوبھی تمہیں نہ خریدسکے
لوگوں کی مسکراہٹوں نے تمہیں اپنا بنالیا۔
میں دھاڑیں مار کے رویا کسی کی یاد آئی
جہاں کہیں بھی سنا یا پڑھا 'خدا حافظ'
مرشد سبھی کو سب سے یہاں عشق ہو گیا
مرشد محبتوں کو خیانت نگل گئ۔۔💔
بھولے ہیں رفتہ رفتہ انھیں مدتوں میں ہم 💔
قسطوں میں خود کشی کا مزا ہم سے پوچھئے
وہ اپنا حافظــــہ ہی کھو بیٹـــھا تھا
وعـــــدے تو بہت یاد دلاۓ میں نــــے💔
*بلبل کی دنیا* ༼༗ * ༗༽
ھي جِسمن جو جھان آ ٰ ٰ
سائين،
ھتي روحن لاء ڪير روئندو آ..!!!💔
هر ڪنهن تي يقين نه ڪجان( بخاري) لوڻ ۽ کنڊ جو رنگ هڪ جهڙو هوندو ٿي...!
اجرڪ اوڍي ڪائي نِڪتي،
من جي بَن مان وائي نِڪتي!
هوءَ ته وئي پر هن جي پويان،
لڙڪ کڻي تنهائي نِڪتي!
تارا اوڍي شھر سُمهي پيو،
ويڙهي جاڳ جُدائي نِڪتي!
آرس اُڀري چولو اُڊڙيو.!
ڳلڙن تي لالائي نِڪتي!
ايڏو هيل سياري ساڙيو،
ڪابه نه ٽاري سائي نِڪتي!
ڪنهن کان وڇڙي لاشي وانگر،
دل گهر مان سرهائي نِڪتي!
پاڳل جڳ آ تنهن لئه جانان،
درد کڻي دانائي نِڪتي!
ڦاھي ڪيڏو نه خوفناڪ لفظ آ
پر جيڪڏهن #عشق _سنڌ جي
خاطر ملي ته گلن جو
ھار ڪري پائيندس..!!
😎😎🔥🚩🚩🚩🚩✌🏻
جئي سنڌ🚩🚩🚩
مُرڪ مان لُڙڪ آ ٿي وئي زندگي،
ڇا منجهان آهي ڇا ٿي وئي زندگي.
تو پُڇين ٿو پرين حال ڪهڙا اٿئي،
زهر آتو سوا ٿي وئي زندگي.
ڪالهه تو ساڻ ڪا جاءِ جنت هئي،
اڄ اُتي آ سَزا ٿي وئي زندگي.
هر گهڙي ڏئي وئي ايترا حادثا،
داستان درد جا ٿي وئي زندگي.
تو الائي ته ڇو موٽ ناهي ڏني،
آ سڏيندي صدا ٿي وئي زندگي.
جيتري آهي فدا ۽ جهڙي به آ،
دوستن لئه دُعا ٿي وئي زندگي.
(امن جا مسافر )
هزارين تڪليفن جي باوجود بہ
مسڪرائڻ زندگي جي فتح آهي....
✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️
مان مُرڪندو اج به آھيان،
ھا مگر پُراڻين تصويرن ۾!
زندگيءَ جو ماتم،
دم بدم رهيو ماتم.
تون ته موڪلائي وئين،
مان ڪيان پيو ماتم.
ڪير آ زماني ۾،
جنهن نه آ ڪيو ماتم.
هر ڪنهين جي اندر ۾،
آهي ڪو نه ڪو ماتم.
منهنجي دل ۾ آ فدا،
گهر ڪري ويو ماتم.
(امن جا مسافر )
دل ۾ هڪ بيوفا جو غم آهي،
غم جگر لئه بڻيو زخم آهي.
آ مصيبت بڻيو محبت لئه،
ڪيڏو انسان بي رحم آهي.
ٿيو اَڃان انتظار آ نه ختم،
ٿي وئي زندگي ختم آهي.
درد کي ڪا دوا لڳي ئي نٿي،
سنگدل جو ٿيل ستم آهي.
ساهه سَڪرات منجهه آ فدا،
پوءِ به هر سوچ ۾ صنم آهي.
(امن جا مسافر )
وِهه جي ساگر جهڙو جيون،
دوزخ جي ڄر جهڙو جيون.
رڻ ۾ رُلندا رهجي وياسين،
ڪوري ڪاڳر جهڙو جيون.
شال سڀن جو ٿي شاعر جي،
اُجري اندر جهڙو جيون.
سپنا ساوڪ جا ٿو سانڍي،
بوندَ بنا ٿر جهڙو جيون،
ڀٽڪي ڀٽڪي بڻجي ويو آ،
فدا پٿر جهڙو جيون.
(امن جا مسافر )
ڪيڏا مجبور ٿي پيا آهيون،
پاڻ کي پاڻ ئي نٿا چاهيون.
جاءِ دل ۾ ڪٿي ملي ئي نٿي،
پيار جو گهر اسان ڪٿي ٺاهيون.
جيڪي دلدار بڻجي آيا ها،
سي ڏئي ويا سُڪون کي باهيون.
مون وسارڻ جي ڳالهه ڪئي هر هر،
تنهنجون يادون وري وري آيون.
روز ڪيئي سور ٿا ملن فدا،
روز دردن جا ڳاهه ٿا ڳاهيون.
(امن جا مسافر )
*منافقي ايتري نه ڪندا ڪيو*
*ڪٿي جھڪڻ نه سکي وڃو*
ڪيئن چئجي ڪيتريون صديون تُنهنجون اکيون مون ڏانهن ڏسي رهيو هُيون! مون رڳو تو کي هڪ ڀيرو ڏٺو ۽ ڪنڌ جُهڪائي ڳالهائيندو رهيس.
.....
شاعريءَ جو سجدو
شيخ اياز!
submitted by
uploaded by
profile:
Sorry! Ap apne item ya profile ko report nahi kar saktey, na hi apne ap ko block kar saktey hain