Damadam.pk
Muhammad_waseem22's posts | Damadam

Muhammad_waseem22's posts:

Poetry
M  : Sindhi poetry - 
Digital Art image
M  🔥 : Digital art - 
Sad Poetry image
M  : Sindhi poetry - 
Romantic Poetry image
M  : Best poetry 📕 - 
Beautiful Nature image
M  : Beautiful 🌹 - 
Beautiful People image
M  : Pak celebs - 
Pakistani Celebs image
M  🔥 : Pak celebs - 
Muhammad_waseem22
 

سب ہمارے لیے زنجیر لیے پھرتے ہیں
ہم سر زلف گرہ گیر لیے پھرتے ہیں
کون تھا صید وفادار کہ اب تک صیاد
بال و پر اس کے ترے تیر لیے پھرتے ہیں
تو جو آئے تو شب تار نہیں یاں ہر سو
مشعلیں نالہٓ شب گیر لیے پھرتے ہیں
تیری صورت سے ملتی نہیں کسی کی صورت
ہم جہاں میں تری تصویر لیے پھرتے ہیں
معتکف گرچہ بظاہر ہوں تصور میں مگر
کو بہ کو ساتھ یہ بے پیر لیے پھرتے ہیں
رنگ خوباں جہاں دیکھتے ہی زاد کیا
آپ زور آنکھوں میں تصویر لیے پھرتے ہیں
جو ہے مرتا ہے بھلا کس کو عداوت ہے
آپ کیوں ہاتھ میں شمشیر لیے پھرتے ہیں
سر کشی شمع کی گر لگتی نہیں ان کو بری
لوگ کیوں بزم میں گل گیر لیے پھرتے ہیں
تا گنہ گاری میں ہم کو کوئی مطعون نہ کرے
ہاتھ میں نامہٓ تقدیر لیے پھرتے ہیں
قصر تن کو یوں ہی بنوا نہ بگولے ناسخؔ
خوب ہی نقشہٓ تعمیر لیے پھرتے ہیں

Muhammad_waseem22
 

شہر کا شہر ہُوا جان کا پیاسا کیسا
سانس لیتا ہے مِرے سامنے صحرا کیسا
مِرے احساس میں یہ آگ بَھری ہے کِس نے
رقص کرتا ہے مِری رُوح میں شُعلہ کیسا
تیری پرچھائیں ہُوں نادان! جُدائی کیسی
میری آنکھوں میں پِھرا خوف کا سایہ کیسا
اپنی آنکھوں پہ تجھے اِتنا بھروسہ کیوں ہے
تیرے بِیمار چَلے توُ ہے مسِیحا کیسا
یہ نہیں یاد، کہ پہچان ہماری کیا ہے
اِک تماشے کے لِیے سوانگ رچایا کیسا
مَت پِھری تھی، کہ حرِیفانہ چَلے دُنیا سے
سوچتے خاک، کہ موّاج ہے دریا کیسا
صُبْح تک رات کی زنجِیر پِگھل جائے گی
لوگ پاگل ہیں، سِتاروں سے اُلجھنا کیسا
دِل ہی عیّار ہے، بے وجہ دھڑک اُٹھتا ہے
ورنہ افسردہ ہَواؤں میں بُلاوا کیسا

Muhammad_waseem22
 

غزل
استاد بخاري
جي تون اچين تہ منهنجي محفل مچي پوي،
دل ھي درد ورتي جهومي نچي پوي،
ھڪ حور منهنجي ھنج ۾ فردوس منهنجو گهر،
ڪو خواب مون ڏٺو هو سو ٿي سچي پوي
ٿو عشق جو سفر ٿئي ريتيءَ تتي مٿان،
هن پنڌ ۾ ٿو هرڪو ٽچڪي پچي پوي،
انڪار تنهنجو منهنجي دل تي ڪريو ايئن،
جيئن ڪڻڪ جي کري تي بجلي اچي پوي،
آ شهر ۾ پچار تہ اُستاد ٿو مري،
جي سُونھن ساٿ ڏي تہ بخاري بچي پوي.

Muhammad_waseem22
 

تنهنجي نگاهه خنجر،
هر دل کي سِيرَ ڏئي ٿي.
بِسمل ڪري ٿي سوچون،
اهڙي ڪا جهير ڏئي ٿي.

Muhammad_waseem22
 

نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو
نہ ئي ديپ دل مان اوھان جو اجھاميو
نہ سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين
نہ سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين
دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا...
اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا...
ڏکن سان بہ دل پنھنجو رشتو نہ ٺاھيو
سکن م بہ من کي سڪون ڪو نہ آيو
کلياسين تہ خلقت جي دردن ٿي روڪيو
رناسين تہ دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو
نہ خوش ٿي کلياسين نہ رڄ ٿي رناسين
رناسين کلياسين اڌورا اڌورا...
اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا...
ڦاھي جا ڦندا چمڻ کان بہ وياسين
۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان بہ وياسين
نہ تون ئي ملئين ۽ نہ ڪنھنجا ٿياسين
ھتان کان بہ وياسين ھتان کان بہ وياسين
مرڻ جي مزي کان بہ محروم ٿياسين
۽ جيئندا رھياسين اڌورا اڌورا...
اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا...😰

Digital Art image
M  : Digital art - 
Muhammad_waseem22
 

سوچ، ڳڻتي، غم، خوشيءَ جا مامرا،
کوڙ آھن زندگيءَ جا مامرا ـ
ڪنھن عدالت ۾ ٻڌڻ جوڳا نہ ھا،
اک، ڪجل ۽ عاشقيءَ جا مامرا ـ
ايئن رھندا جيئن رھندا ٿا اچن؟
حل بہ ٿيندا آدميءَ جا مامرا؟
ٿي سگھيا دنيا سان ھم آھنگ ڪٿي،
عشق سچي، سادگيءَ جا مامرا ـ
پيار، عزت، احترامن کان سواءِ،
ڪيئن ھلندا دوستيءَ جا مامرا ـ

Muhammad_waseem22
 

ٿو ڪڪرن ۾ ڪو واجھ وجھٖي
۽ برسَي ٿو برساتن جيئن
ٿي ڪڻ ڪڻ پنھنجي لات لنوي
ٿو پن پن ۾ پڙلاءُ پوي
۽ ٿورو پنڌ پري مون کان
ڪنھن ڪنڌيءَ تي ڪي مھلائون
ٿيون ڳائن گيت بغاوت جا
ھر گيت جي پھرين سِٽ وچان
ٿيون للڪارون ٻي پار پڄن
ڪجھ سرڪش پنھنجو ڪنڌ کڻي
ڪنھن ڪيڏاري ڏي ڊوڙن ٿا
۽ رخ ھوا جو موڙن ٿا
ايئن سرويچن جي سڏ پٺيان
سڀ سڏ اَڏين تي جھومن ٿا
نئون گيت ھوا ۾ اڏري ٿو
نئين ڏات ستارن سان گڏجي
نئين چنڊ کي ڀاڪر پائي ٿي
اي ڌرتيءَ توکي ڳائي ٿي
اي ڌرتيءَ توکي ڳائي ٿي ـ
(جميل سومرو)

Muhammad_waseem22
 

غزل!
هڪ غم وسيع ٿيندو، تار تار ٿي ويو!
آخر! وجود کان ئي آر پار ٿي ويو…
هڪ شخص! پاڻ سان بہ ڳالهائي نٿو سگهي
هڪ شخص! پنهنجو پاڻ ۾ ديوار ٿي ويو!
احساسَ هڪڙي بُتَ ۾ سمورا ڀري خُدا…
آويءَ ۾ وڌائين تہ ڪلاڪار ٿي ويو!
پيڙا ايئين اسان جي ديس تي رهي پئي؛
هر ٻار ڄمڻ سان ئي سوڳوار ٿي ويو!
~آدرش اميرجان

Muhammad_waseem22
 

وائي
رات به نڪتو ناھ
او چريو چنڊ کري پيو آ
اونداهي جي راتاهن ۾
دٻجي منهنجو ساھ
او چريو چنڊ کري پيو آ
آئون اڪيلو دنيا اندر
مونجهارن جي ڪاھ
او چريو چنڊ کري پيو آ
روز نوان ڪي ويري ڏين ٿا
احساسن کي باھ
او چريو چنڊ کري پيو آ
سنڌو جي ڪنڌي تي ڪوئي
هيڪل وياڪل آھ
او چريو چنڊ کري پيو آ
تڙپي تڙپي ساھ ڏين ٿا
واٽن تي ويساھ
او چريو چنڊ کري پيو آ

Muhammad_waseem22
 

اکين مان پاڻي ھلي رھيو آ،
وجود سارو لُڏي رھيو آ ـ
جھليو جي ان کي جھلي سگھو ٿا،
ناشاد ڪاڏي وڃي رھيو آ ـ
تُنھنجو تصور ڦِري پَيو ٿو،
ملال دل تي وَڌي رھيو آ ـ
سمورو پارينَگر، ڪارونجھر،
اي يار تولئہ روئي رھيو آ ـ
مِينھوڳيون غم ۾ عذر اوھان جو،
ڪڪر ڪڪر کي چئِي رھيو آ ـ
سموري ٿر مالسريي جا واضح،
جميل سُڏڪا ٻُڌي رھيو آ ـ

Beautiful Structures image
M  : Digital art - 
Muhammad_waseem22
 

ہوتی ہیں واپسی کے
سفر میں یہ مشکلات
آغاز میں ذرا سی ،
تھکن ہونی چاہئیے
اچھا ہے تم نے میری
رفاقت نہ کی قبول
پوشاک بھی تو حسبِ بدن
ہونی چاہئیے